عقيلي ذات

عقيلي (ذات): ‘عقيلي’ قريشي ۽ هاشمي آهن. پاڻ سڳورن جا سئوٽ ۽ حضرت علي رضه جي وڏي ڀاءُ حضرت عقيل بن حضرت ابو طالب جي اولاد مان چيا وڃن ٿا. حضرت عقيل کي چوڏهن پُٽ هئا. هنن جي اولاد پاڻ کي ‘عقيلي’ سڏايو. هڪ روايت موجب ديبل بندر ۽ ٺٽي جي آسپاس آباد ٿي ويٺل ‘عقيلي’ محمد بن قاسم سان گڏجي آيا هئا. هن ذات وارا اڄ به ٺٽي شهر ۽ ڪراچيءَ ۾ رهن ٿا. هڪ ٻي روايت موجب هنن کي عربن ۾ اُٺن وارا چون ٿا. هن خاندان مان سعد بن عباده، حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن کي ‘مهره’ نالي هڪ ڏاچي ڏني هئي، جيڪا تمام گهڻو کير ڏيندي هئي. قيص عيلان بدوي قبيلي جي شاخ آهي، جن جا خاص پاڙا (1) بنو تڪريت، (2) بنو خفافه ۽ (3) بنو منتفق آهن. شام، عراق ۽ بحرين کان ٿيندا هن قبيلي جا ماڻهو سنڌ ۾ داخل ٿيا، جن پاڻ کي ‘عقيلي’ سڏايو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو